رانديون

پاڪستاني اسڪواڊ ڪراچي پهچي ويو، انگلش رانديگرن جي بھ پريڪٽس

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اسڪواڊ ۽ آفيشلز ڪراچي پهچي ويا آهن، جن پريڪٽس سيشن ڪيو آهي. جڏهن تھ انگلش رانديگرن پڻ نيشنل اسٽيڊيم ۾ اچي ڀرپور نموني سان پريڪٽس ڪئي آهي. جڏهن تھ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ اڱاري ڏينهن کيڏي ويندي. ميڊيا مطابق پاڪستاني اسڪواڊ ڪراچي پهچڻ بعد هوٽل ۾ مينيجمينٽ وٽ رپورٽ ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد شام جي وقت انهن پريڪٽس سيشن پڻ ڪيو آهي. جڏهن تھ انگلينڊ جي رانديگرن پڻ ڀرپور پريڪٽس ڪئي ۽ موسم جا مزا ماڻيا آهن. هوڏانهن ڪراچي ۾ انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ٽيمن ۾ رٿيل چوٿين ۽ آخري ميچ جون سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون آهن. انگلينڊ جي ڪرڪيٽر فل سالٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي تھ 17 سالن بعد ٿيل پاڪستان جي دوري جي اهميت آهي، هن سيريز ۾ اسين پي ايس ايل کيڏڻ جو تجربو ڪم آڻينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button