رانديون

ويسٽ انڊيز وومنز ٽيم ڪراچي پهچي وئي، خاص سيڪيورٽي فراهم

ويسٽ انڊيز جي وومنز ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي پهچي وئي آهي، جنهن کي ملڪي سربراهه جي برابر سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق مهمان ٽيم پرڏيهي اڏام ذريعي دبئي رستي پاڪستان پهتي، جن ۾ رانديگرياڻي سان گڏ ٽيم مينيجمينٽ جا ماڻهو پڻ شامل آهن. مهمان ٽيم کي 6 خاص گاڏين ۾ سوار ڪري لائونج ۾ آندو ويو، جتان خصوصي طور آندل 28 گاڏين ۾ انهن کي هوٽل منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پاڪستان ۾ ون ڊي سيريز لا آيل مهمان ٽيم جي سيڪيورٽي بابت هيڊ ڪوارٽر ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. ڊي آئي جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز مقصود احمد جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ٿيو تھ، پاڪستان وومنز ۽ ويسٽ انڊيز وومنز جي ٽيمن ۾ ميچن دوران 368 ڪمانڊوز سان گڏ 500 اهلڪار حفاظت لا مقرر ڪيا ويندا. جڏهن تھ ايس ايس يو جون عورت ڪمانڊوز بھ سيڪيورٽي ۾ شامل، اسپيشلائيزڊ بسون امن امان جي نگراني ڪنديون. ياد رهي تھ ويسٽ انڊيز وومنز ۽ پاڪستان وومنز ۾ 8، 11 ۽ 14 نومبر تي ون ڊي ميچون ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button