ڪراچي: پاڪستان هاڪي فيڊريشن اڄ ڪراچي ۾ شروع ٿيندڙ اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ڪيمپ کان اڳ رانديگرن جي بقايا ادا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پي ايڇ ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب هاڪي ٽورنامينٽ کان اڳ رانديگرن جي اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ رقم اذلان شاهه هاڪي فيڊريشن جي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي وئي آهي.
پي ايڇ ايف جي صدر خالد سجاد کوکر جو چوڻ آهي ته رانديگر ملڪ جا هيرو آهن ۽ اسان جي عزت آهن. ڪڏهن به نٿا چاهيون ته رانديگرن کي پئسا نه ملن، ماضي ۾ به رانديگرن کي پنهنجي کيسي مان پئسا ڏنا ويا. سيڪريٽري پي ايڇ ايف حيدر حسين موقف اختيار ڪيو ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهرين ترجيح رانديگرن کي سندن حق ڏيارڻ آهي، هن رانديگرن سان واعدو ڪيو هو ته ڪيمپ کان اڳ رقم ادا ڪئي ويندي.