رانديون

مڊل آرڊر بابت بار بار ڳالهائڻ سان رانديگرن جو اعتماد خراب ٿئي پيو: ثقلين مشتاق

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق جو چوڻ آهي ته هي فطرت جو نظام آهي، ڪڏهن کٽڻ ته ڪڏهن هار آهي. ٽين ٽي-ٽوئنٽي ۾ انگلينڊ خلاف 63 رنسن تان شڪست کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هي مڊل آرڊر اسان جو آهي، اسان کي ان جي حمايت ڪرڻي آهي.

هن چيو ته توهان مسلسل مڊل آرڊر جي ڳالهه ڪري اسان جي ذهنن کي متاثر ڪري رهيا آهيو، مڊل آرڊر بابت بار بار ڳالهائڻ سان رانديگرن جو اعتماد خراب ٿي رهيو آهي. هيڊ ڪوچ چيو ته ڪالهه اسان کٽيو، اڄ هو کٽي ويا، جنهن ڏينهن جنهن رٿابندي ڪئي ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button