رانديون

نتيجا ٽيم جي حق ۾ نه اچن ته پوءِ ڪجهه به سٺو نه ٿو لڳي: شان مسعود

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين شان مسعود جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نتيجا ٽيم جي حق ۾ نه اچن ته پوءِ ڪجهه به سٺو نه ٿو لڳي، ٽيم ورلڊ ڪپ کان اڳ مختلف ڪمبينيشن آزمائيندي، تنهن ڪري توهان کي صبر ڪرڻو پوندو، ورلڊ ڪپ اهو ايونٽ آهي جنهن ۾ سڀني کي نتيجو ڏيڻو پوندو. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شان مسعود چيو ته پاڪستاني ٽيم سيريز ۾ بائونس ڪري سگهي ٿي، سيريز ۾ چار ميچون باقي آهن، نتيجو سٺو نڪرندو. شان مسعود جو چوڻ هو ته وڪيٽ تي وقت گذارڻ سان راند جي رفتار کي ترتيب ڏيڻ جو موقعو ضرور ملي ٿو پر جيڪڏهن ٽيم نه کٽي ته پوءِ ڪجهه به سٺو نٿو لڳي، ذاتي اسڪور بعد جي ڳالهه هوندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button