رانديون

انڊونيشيا ۾ فٽبال ميچ دوران ڀاڄ، 174 ماڻهو مارجي ويا

انڊونيشيا ۾ فٽبال جي هڪ ميچ دوران تماشائين ۾ جهيڙي بعد ڀاڄ پئجي وئي آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 174 ماڻهو مارجي ويا آهن. ميڊيا مطابق ملڪ جي جاوا صوبي ۾ فٽبال جي جاري ميچ دوران هارائيندڙ ٽيم جي حامين ۽ مخالفن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران 180 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو تھ اريما ايف سي ۽ پرسيبايا سورابايا جي ٽيمن وچ ۾ ميچ دوران هڪ ٽيم جي هارائڻ جا

انڊونيشيا ۾ ٿيل جهيڙي دوران اهلڪار زخمي ٻار کڻي ايندي

چٽا امڪان نظر اچڻ تي اسٽيڊيم ۾ هنگامو برپا ٿي پيو. جڏهن تھ جهيڙي دوران صورتحال ضابطي کان نڪري وئي تھ پوليس وچ ۾ اچي شيلنگ ڪئي آهي. هوڏانهن مڇريل ماڻهن اسٽيڊيم ۾ پڻ ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي. پوليس جي مقامي سربراهه جو چوڻ هو تھ جهيڙي ۾ 35 ماڻهو اسٽيڊيم ۾ فوت ٿيا، باقي فوتگيون اسپتال ۾ ٿيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button