رانديون

بٽڻ دٻائي آسٽريليا جيان کيڏڻ جو چيو ويندو آهي: رميز راجا

پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي حمايت ۾ ميدان تي ايندي چيو آهي تھ اسان کي بٽڻ دٻائي آسٽريليا جيان کيڏڻ جو چيو ويندو آهي، جيڪو ممڪن ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ پاڪستاني ٽيم جو پنهنجو الڳ انداز آهي، منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪابھ غلطي نھ آهي. هن جو چوڻ هو تھ ٽيم دلچسپ ميچ کٽيا، ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ آئي، رانديگرن اعزاز بھ کٽيا آهن، تنهنڪري انهن تي ائين نھ ڳالهايو وڃي. هن چيو تُھ ماڊرن ڪرڪيٽ نھ کيڏڻ وارو تجزيو درست آهي، اسين پاٿ وي پروگرام تي ڪم ڪيون پيا، ايندڙ 4 سالن ۾ ماڊرن ڪرڪيٽر ملي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button