
پاڪستان جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثنا مير ٿائيلينڊ هٿان قومي ٽيم جي اپ سيٽ شڪست تي سليڪشن ڪاميٽي کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ميڊيا مطابق ثنا مير ٿائيلينڊ جي ٽيم کي وڏي ڪاميابي تي مبارڪ ڏني ۽ چيو تھ، انعم امين ۽ سعديا اقبال کي نھ کڻڻ غلط فيصلو آهي.