
پاڪستان ۾ ون ڊي سيريز کيڏڻ جي لا پهتل ويسٽ انڊيز جي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم نيشنل اسٽيڊيم ۾ پهريون ٽريننگ سيشن ڪيو آهي. ميڊيا مطابق مهمان ٽيم جي رانديگرياڻين جي نيشنل اسٽيڊيم پهچڻ تي سندن لا سيڪيورٽي جا انتظام سخ ڪيا ويا هئا. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز جي ويمن ڪرڪيٽرن بالنگ ۽ فيلڊنگ سميت سمورن شعبن ۾ ٽريننگ ڪئي آهي. هوڏانهن ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرياڻين جي ٽريننگ جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن.