رانديون

ڀارت ايشيا جي ويمن چيمپيئن بڻجي وئي، سريلنڪا کي شڪست

ڀارت جي عورتن واري ٽيم ويمن ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ايشيا جي چيمپئن بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڍاڪا ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڀارت  ويمن ٽيم سريلنڪا ويمن کي 8 وڪيٽن تان آساني سان شڪست ڏني آهي. سريلنڪا جي ٽيم 9 وڪيٽن تي 65 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ آئنوڪا راناويرا 18 ۽ اوشاڊا راناسنگهي 13 رنسن سان نمايان رهيون،

ڀارت ويمن ٽيم جو گروپ فوٽو

بيٽنگ ۾ 7 بيٽر سنگل ڊجز ۾ آيون آهن. جڏهن تھ ڀارت 9 اوور ۾ 72 رنسن سان ڪاميابي ماڻي، سمرتي منڌنا 51 رنسن جي اننگز کيڏي فتح ڏياري ڇڏي، بالرن مان رينوڪا سنگهه 3 شڪار ڪيا، سنيها رانا ۽ راجيشوري گائيڪواڙ 2،2 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button