رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا مقابلا شروع، نميبيا سريلنڪا کي شڪست ڏئي اپ سيٽ ڪري ڇڏيو

آئي سي سي جو ننڍي فارميٽ وارو ميگا ايونٽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا مقابلا شروع ٿي ويا آهن، جنهن جي افتتاحي ميچ ۾ نميبيا جي ٽيم ايشيا جي چيمپيئن سريلنڪا کي 55 رنسن تان شڪست ڏئي وڏو اپ سيٽ ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق گيلونگ ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ نميبيا پهرين بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهي سريلنڪا کي هدف ڏنو، جنهن ۾ جان فرائلينڪ 44 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.

نميبيا جا رانديگر خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن

جڏهن تھ جي جي سمٿ 31، استيفن بارڊ 26، نڪول ليفٽي ايٽن ۽ جيرهارڊ اراسموس 20،20 رنسن جي اننگز کيڏي نمايان رهيا. سريلنڪا جي بالرن پرومود مدوشان 2 وڪيٽن سان نمايان رهيو. هوڏانهن 164 رنسن جي هدف جي جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم 19 اوور ۾ 108 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڪپتان ڊاسن شناڪا 29، ڀانوڪا راجاپڪسا 20 ۽ مهيش ٺيڪشانا 11 رنسن سان نمايان رهيا.

نميبيا جا رانديگر فتح ملڻ تي جذبات ۾ ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن

نميبيا جي بالرن مان ڊيوڊ ويسي، بيرنارڊ شيلٽز، بين شڪينگو ۽ جان فرائيلنڪ 2،2،2 وڪيٽون وٺي سريلنڪا کي ناڪام بڻائي ڪرڪيٽ ۾ وڏو اپ سيٽ ڪيو آهي. جڏهن تھ راند جي پڄاڻي تي فرائيلنڪ کي 2 وڪيٽون وٺڻ ۽ 44 رنسن جي اننگز کيڏڻ تي پليئر آف ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button