رانديون

پاڪستان کي ٽي 20 جي وارم اپ ميچ ۾ انگلينڊ هٿان شڪست

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق وارم اپ ميچ ۾ پاڪستان 8 وڪيٽون وڃائي 160 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ شان مسعود 39، محمد وسيم 26، افتخار احمد 22، حيدر علي 18، ڪپتان شاداب خان 14، رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ انگلينڊ جي بالرن ڊيوڊ ولي 2 وڪيٽون ورتيون. انگلينڊ 15 اوور ۾ 4 وڪيٽن تي هدف ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن ۾ هيري بروڪ 45 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، بين اسٽوڪس 36، سيم ڪوران 33 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستاني بالرن محمد وسيم 2 ڄڻا آئوٽ ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button