رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ نيڌرلينڊ هٿان نميبيا کي 5 وڪيٽن تان شڪست

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي جاري مقابلن ۾ نيڌرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم نميبيا کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق نميبيا جي ٽيم 6 وڪيٽن تي 121 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن ۾ جان فرائيلنڪ 43، مائيڪل وان لنگن 20، اسٽيفن بارڊ 19 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ نيڌرلينڊ جي ٽيم جواب ۾ آخري اوور ۾ 122 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي ورتي. ميڪس او ڊائوڊ 35، وڪرماجيت 39 ۽ باس ڊي لي 30 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ باس ڊي لي 2 وڪيٽون بھ ورتيون، جنهن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button