رانديون

زمبابوي 5 وڪيٽن تان اسڪاٽ لينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرين ڪواليفائينگ مرحلي کي مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن جي آخري 12هين ميچ ۾ زمبابوي 5 وڪيٽن تان اسڪاٽ لينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق اسڪاٽ لينڊ 6 وڪيٽن تي 132 رنسون ٺاهيون، جارج منسي 54 رنسن سان نمايان رهيو. جڏهن تھ ڪيلم مڪليوڊ 25، رچي بيرنگٽن 13 ۽ مائيڪل ليسڪ 12 رنسون ٺاهيون.

زمبابوي جا تماشائي ميچ کٽڻ تي خوشي ۾ جهومي رهيا آهن

زمبابوي جي ٽيم 19هين اوور ۾ 5 وڪيٽن تي 133 رنسن سان هدف ماڻي ميچ کٽي ورتي. ڪريگ اروين 58 ۽ سڪندر رضا 40 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ زمبابوي جي سڪندر رضا هڪ وڪيٽ ۽ 40 رنسن سبب پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ کٽي ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button