رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ اڄ وڏو مقابلو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٿيندو، موسم بھ صاف

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ اڄ وڏو مقابلو پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ وچ ۾ ٿيندو، جنهن جي ٻنهي ٽيمن پاران تياري ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن ڪوچ ثقلين مشتاق جي نگراني ۾ ميلبورن جي ميدان تي فيلڊنگ جي شعبي ۾ ڀرپور نموني سان پريڪٽس ڪئي آهي. جڏهن تھ ڀارتي ٽيم بھ اسپنرز ۽ سوئنگ کي کيڏندي وقت گذاريو. ڪرڪيٽ جي تجزيي نگارن جو چون آهي تھ ويرات ڪوهلي جو فارم ۾ اچڻ ڀارت جي فائدي ۾ هوندو. جڏهن تھ شاداب خان، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه ڀارتي بيٽنگ کي سوڙهو ڪندا. هڪ رپورٽ موجب ميلبورن ۾ هڪ تماشائي اچي ميچ ڏسندا. هوڏانهن ميلبورن جي موسم صاف ٿي وئي آهي ۽ سج نڪرڻ سبب امڪان آهي تھ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ميچ مڪمل ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button