
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي ميچ ۾ سريلنڪا 9 وڪيٽن تان آئرلينڊ کي شڪست ڏئي فاتحاڻي انداز سان شروعات ڪئي آهي. ميڊيا مطابق هوبارٽ ۾ کيڏيل ميچ ۾ آئرلينڊ جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 128 رنسون ٺاهي سريلنڪا کي آسان هدف ڏنو، جنهن ۾ هيري ٽيڪٽر 45 رنسن سان نمايان رهيو، اوپنر پال اسٽرلنگ 34، جارج ڊوڪريل 14 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ سريلنڪا جي بالرن مهيش ٺيڪشانا ۽ ونيندو هسارنگا 2،2 وڪيٽون ورتيون. سريلنڪا 129 رنسن جي جواب ۾ اوپنر ڪوشل مينڊس 43 بالن جي 68 رنسون ٺاهي ۽ چيرٿ اسلانڪا بھ 31 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. جڏهن تھ ڌننجيا ڊي سلوا 31 رنسن تي آئوٽ ٿيو. آئرلينڊ جي بالر جيراٿ ڊيليني اڪيلي وڪيٽ ورتي آهي.