رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سخت مقابلي بعد پاڪستان کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي وڏي ميچ ۾ ڀارت سخت مقابلي بعد پاڪستان کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق  ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي مقابلن ۾ پاڪستان پهرين کيڏندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهي ڀارت کي هدف ڏنو، جنهن ۾ اوپنر محمد رضوان اٿندي ئي 4 رنسن ۽ ڪپتان بابراعظم ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا، جنهن بعد مڊل آرڊر جي شان مسعود 52 ۽ افتخار 51 رنسن سان اسڪور کي اڳتي وڌائي ٽيڪ ڏني، پر انهن جي آئوٽ ٿيڻ تي باقي بيٽر ڄمي کيڏي نھ سگهيا. شاهين آفريدي 8 بالن تي 16 رنسون ٺاهي پاڻ ملهايو، پر شاداب، حيدر علي، محمد نواز، آصف علي سنگل ڊجيٽ ۾ رهجي ويا. ڀارتي بالرن مان بالرن مان هرشديپ سنگهه ۽ هاردڪ پانڊيا 3،3 وڪيٽون ورتيون.

ميچ کٽڻ بعد ڀارتي رانديگر خوشي جو اظهار ڪندي

جڏهن تھ هدف جي جواب ۾ کيڏندي ڀارت جا اوپنر بھ ناڪام ٿي ويا، پر ويرات ڪوهلي 4 ڇڪن ۽ 6 چپڪن سان 53 بالن تي  رنسن 82 ۽ هاردڪ پانڊيا 40 رنسن جي ڀائيواري سان فتح جا بنياد رکيا، سوريا ڪمار رڳو 15 رنسون ڪيون. ويرات ڪوهلي کي وڏي اننگز کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستاني بالرن ۾ شاهين آفريدي ٻوٽو نھ ٻاريو، نسيم شاهه بھ هڪ وڪيٽ ورتي، محمد نواز ۽ حارث رئوف 2،2 آئوٽ ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button