پاڪستانسنڌ

اڳوڻو سهرو 10 لک نه ڏيڻ تي ڌمڪيون ڏئي پيو:ڳڙهي خدبخش واسي

لاڙڪاڻو: ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي رھواسي نوجوان ماجد لغاري پنهنجي ڀا رياض لغاري ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل پنجن سالن کان ڪراچي جي گلستان جوهر بلاڪ 17 حنيد سٽي بلڊنگ جو سيڪيورٽي گارڊ هئس، جتي فليٽن ۾ اوٻاڙو ڀرسان حبيب ڳوٺ جي رهواسڻ عورت شبانه پنهنجي ڌيءَ شمائلا چهواڻ سان گڏ صفائي جو ڪم ڪندي هئي، سال اڳ منهنجي ملاقات شمائلا سان ٿي ۽ هڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳاسين، بعد ۾ شمائلا جي پي مختيار چهواڻ ۽ ما شبانه جي رضامندي سان شمائلا مون سان گڏجي لاڙڪاڻي آئي، جتي 8 آگسٽ تي اسان سيشن ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو. هن چيو ته 12 آڪٽوبر تي شمائلا جو پيءُ مختيار اسان جي ڳوٺ اچي ٻڌايو ته شمائلا جي ناني جي دل جا وال بند آهن ۽ هو رحيم يار خان جي اسپتال ۾ داخل آهي، جنهن بعد شمائلا والد سان هلي وئي، ٻن ڏينهن بعد مختيار چهواڻ فون ڪري اسان کي چيو ته منهنجي ڌيءَ کي طلاق ڏيو، جنهن جي اڳ مڱڻي ٿي چڪي آهي، ان تي مون شمائلا کي لکت ۾ طلاق ڏئي اهڙي ڪاپي واٽس ايپ تي موڪلي ۽ هڪ ڏينهن بعد مختيار مون کان 10 لک رپين جي گهر ڪئي، انڪار تي هن اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ بعد پنهنجي ڌيءَ کي اوٻاڙو پريس ڪلب وٺي مون مٿان اغوا، زيادتي ۽ تشدد جا ڪوڙا الزام لڳائي ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ وڏيرن ذريعي ڌمڪيون ڏئي فيصلي لاءِ زور ڀري رهيو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته مختيار چهواڻ، سندس گهرواري شبانه ۽ ڌي شمائلا خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button