پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ لاش مليو، هلندڙ سال 60 لاش هٿ اچي چڪا

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد ڊي سي هاءِ اسڪول ويجهو 43 سالن جي نشو واپرائيندڙ همراهه جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن تي پوليس پهچي لاش کڻائي ضروري ڪارروائي بعد ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو. ان حوالي سان علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته فوتي نشو واپرائيندڙ هو، جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي. هوڏانهن ايڌي رضاڪارن سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش کي لاوارث قرار ڏئي دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ايڌي سينٽر لاڙڪاڻي جي انچارج حاجي محمد سليم آرائين پنهنجي آفيس ۾ روزاني “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته ٽن ڏينهن دوران ساڳي ئي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد مان ٽي لاش هٿ آيا آهن، جن جي سڃاڻپ اڃان تائين نه ٿي سگهي آهي، هلندڙ سال شهر مان 2 عورتن ۽ 8 ٻارن سميت 60 نامعلوم لاش هٿ اچي چڪا آهن، جيڪا تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي خبر آهي، هن چيو ته سڀ لاش هيروئنين جا نه آهن ڪجهه لاشن تي تشدد جا نشان پڻ ڏٺا ويا آهن، جن کي ٿي سگهي ٿو سياسي يا دشمني جي بنياد تي قتل ڪيو ويو هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button