پاڪستانسنڌ

فرانسيسي ماهر موهن جون دڙي جي دوري تي پهتو، گڏجاڻي

ڏوڪري: يونيسڪو جو فرانسيسي ماهر آرڪيٽيڪٽ 3 ڏينهن جي دوري تي عظيم ماڳ موهن جو دڙو پهچي ويو. پرڏيهي ماهر ماڳ جي عملدارن سان گڏجي ايس ڊي ايريا ۽ ايل ايريا جي آثارن کي برسات سبب ٿيل نقصان جو جائزو ورتو، پرڏيهي ماهر ماڳ جي عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي. جنهن ۾ موهن جو دڙو کي بچائڻ لاءِ هڪ ٻئي سان تجويزن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي يونيسڪو فرانسيسي آرڪيٽيڪٽ ماهر چيري زافرا ٻڌايو ته ڳريل ۽ ليٽيل قديم ڀتين کي ڪچين سرن بدران چيڪي مٽي سان اوڏڪي طريقي سان پشتا ڏئي ڀتين کي بچايو وڃي، تهذيبي ڀتين کي هٿ يا برش سان ڪلراٺي مٽي صاف ڪرڻ بدران مشين ذريعي ڀتين کي صاف ڪيو وڃي ته جيئن ديوارن کي بچائي سگهجي. ماهر جو چوڻ هو تہ مختلف ايرياز ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لا قديم ڪمرن جا الڳ پورشن جوڙي ڊرينيج جو هڪ الڳ نظام جوڙيو وڃي ته جيئن برساتي پاڻي کان ڀتين کي بچائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button