پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ غربت ۽ بيماري کان تنگ جوان ڇوڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

ڇاڇرو: ڇاڇرو ويجهو غربت ۽ بيماري مان تنگ ٿي نوجوان ناري کوھه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. ڳوٺ رڙياڙو ۾ غريب هاري لالو ميگهواڙ جي 19 سالن جي نوجوان ڌي منيشا ميگهواڙ غربت ۽ بيماري مان تنگ ٿي ڳوٺ ويجهو کوهھ ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، وارثن ۽ ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان ناري جو لاش کوھه مان ٻاهر ڪڍي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ناري جي وارثن پوليس کي شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو ته 6 سالن کان ناري مختلف بيمارين ۾ مبتلا هئي، جنهن جي علاج لاءِ الھه تلھه کپائي ڇڏيو، ڪجھه مهينا اڳ ناري ڪينسر ۾ مبتلا ٿي وئي، جنهن سبب اڪثر پريشان رهندي هئي، گهر ۾ غربت مفلسي ۽ بيماري مان تنگ ٿي ناري خودڪشي ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن ناري جي علاج جي حوالي سان مختلف اسپتالن جا ليٽر ڏنا آهن، وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button