پاڪستانسنڌ

آئي بي اي تعليم جي ميدان ۾ بهترين ادارو آهي:ڪمشنر ميرپورخاص

ميرپورخاص: آئي بي اي يونيورسٽي ڪئمپس تعليم جي ميدان ۾ ھڪ بھترين ادارو آهي، گھربل سھولتون فراهم ڪنداسين. اھڙو اظھار ڪمشنر ميرپورخاص اعجاز شاهه آئي بي اي ڪئمپس ميرپورخاص پاران نون آيل شاگردن جي آجياڻي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. جڏهن ته تقريب ۾ مھمان خاص طور ڪمشنر اعجاز شاهه، ايس ايس پي اسد چوڌري، ڊائريڪٽر آئي بي اي پروفيسر ڊاڪٽر محمد عاصم ۽ شھرين سميت شاگردن شرڪت ڪئي. ڪمشنر اعجاز شاهه وڌيڪ چيو ته تعليم جي ميدان ۾ آئي بي اي بھترين ڪم ڪري رهيو آهي، تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد مستقبل ۾ بھترين عھدن تي مقرر ٿي پنھنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندا، معلوم ٿيو آهي ته ڪئمپس لاءِ مقامي ماڻهن زمين ڏني آهي، وڌيڪ زمين جي ضرورت پئي ته اسان ڏينداسين. تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري چيو ته نوجوانن ۾ تمام گھڻو ٽيلنٽ آھي، جنهن کي استعمال ڪرڻ لا آئي بي اي ڪئمپس انتظاميا بھترين ڪم ڪري پئي. تقريب کي ڊائريڪٽر آئي بي اي ڊاڪٽر محمد عاصم پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ فنڪار منھاج شاھه گيت ڳائي داد حاصل ڪيو. ڪمشنر شاگردن کي تعريفيسرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button