پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي ڌرڻو

چمبڙ: چمبڙ ۾ بڪيراڻي سب ڊويزن آبپاشي جي آفيس سامھون ميراکوري شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن مولابخش لغاري، ارشاد لغاري، ڪامران لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ زرعي پاڻي جي سخت کوٽ ۽ ايڪسيئن نصير ڊويزن آبپاشي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، آبادگارن آبپاشي عملي ۽ ضلعي انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آبادگارن دانھيندي چيو ته ميراکوري شاخ جي پڇڙي ۾ گذريل ھڪ مھيني کان پاڻي جي لپ به نه پھچڻ ڪري اسان ربيع جا فصل ڪڻڪ، توريو، مڪئي، جوئر، ٻاجھري، مرچ، ٽماٽا ۽ ڀاڄيون پوکي نه سگھيا آھيون، اسان جڏھن اھڙي دانھن ايڪسيئن نصير ڊويزن آبپاشي کي ڏئي پاڻي ڏيڻ جي گھر ڪئي ته ايڪسيئن نصير ڊويزن اسان کي چيو ته پاڻي نه ڏيندس، ڀلي وڃي منھنجي خلاف احتجاج ڪريو يا عدالت ۾ وڃو. آبادگارن چيو ته برساتي ٻوڏ سبب اسان جا خريف وارا پوکيل فصل سڙي تباهھ ٿي ويا، ھاڻي ربيع جي مند آھي. آبادگارن سپريم ڪورٽ ۽ وڏير وزير کان گهر ڪئي ته آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري پڇڙي ۾ پاڻي ڏئي معاشي نقصان کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button