پاڪستانسنڌ

جمن دربدر جو ٽيجهو، هن ڪمزورين کي ويجهو اچڻ نه ڏنو:قادر مگسي

عمرڪوٽ: سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ کاهوڙي ڪردار مام جمن دربدر جو ٽيجهو ٿي گذريو، جنهن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، علي احمد سومرو، گل محمد جکراڻي، جبار ڌاريجو، خير محمد مري، پونجراج ڪيسراڻي، گھنشام مالهي، مشتاق قاسماڻي، شنڪر باغي، صالح آريسر، عبدالغني عاجز، ڊاڪٽر رئيس مهر، ڊاڪٽر ممتاز راهمون ۽ شاعر حافظ يوسف رند سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديبن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ قومپرست اڳواڻن جمن دربدر جي اباڻي ڳوٺ روحل وا پهچي سندس پٽن سگهڙ ساند، علڻ ساند، هوشو ساند، ڀاڻيجي سنڌ جي مزاحمتي شاعر حليم باغي، حاجي ساند ۽ تاج جويو سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جمن دربدر يگاني قسم جو ماڻهو هو، انساني ڪمزورين کي ڪڏهن پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو، در در وڃي سين هنئي سنڌ جي آجپي، آزادي ۽ خوشحالي جي، نتيجي طور سنڌ ساھه سان سانڍي رکيو آهي. صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو ته ماما جمن دربدر سنڌ جو ديومالائي ڪردار هو، هن بنا فرق جي قوم جي خدمت ڪئي. قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر مير عالم مري چيو ته ماما جمن دربدر سنڌ جي قومي تحريڪ جي ثقافتي دور جي نشاني هو، اهو دور جنهن ۾ سنڌ جي ڳالهھ ثقافت، آرٽ ۽ موسيقي ذريعي ماڻهن تائين پهتي، ان وقت سنڌ جو چارڻ بڻجي چنڱ کڻي جهر جهنگ ويو، آخر تائين پنهنجو پيغام پهچائيندو رهيو، ماما جي شاعري سائين جي ايم سيد کي به اتساهه ڏنو. مير حسن آريسر چيو ته ماما جمن دربدر هڪ پوري نسل جي تعمير ڪندڙ انسان هو، بنيادي طرح ماما جمن جو تعارف قومي ڪارڪن ئي آهي، هن جيڪي ڪم ڪيا، سي حڪمت عملي طور ڪيا، هن وٽ اهو ڏان هو ته قومي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي، ايتري قدر جو هن پنهنجي رقص کي به استعمال ڪري جديد روشن خيال سنڌ اڏڻ جو خواب پنهنجي اکين ۾ سانڍي رکيو هو. سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ سارنگ جويو چيو ته ماما جمن دربدر مست الست انسان هو، جنهن ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻهن سان بي پناھه محبت ڪئي، پيرين پنڌ هلي به سائين جي ايم سيد جو فڪر سنڌي ماڻهن تائين پهچايو. سماجي اڳواڻ علي اڪبر راهمون چيو ته ماما جمن دربدر معاشري ۾ تعميراتي ڪردار ادا ڪيو. ماما جمن خداداد صلاحيت جو مالڪ هو. ماما جمن دربدر جي پٽ سگهڙ ساند چيو ته بابا سڄي قوم سان گڏ اسان جو ڳاٽ مٿانهون رکيو، اسان سندن نقش قدم تي هلي سنڌ جي هن پيار جو ڀرم رکنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button