پاڪستانسنڌ

مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 11 هين ورسي، زبردست ڀيٽا پيش

ڪراچي: موت کانپوءِ مادر جمهوريت جو لقت ماڻيندڙ نصرت ڀٽو کي دنيا مان وئي 11 ورهيه وهامي ويا. سندس ورسي تي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا ڪوٺايا ويا. پاڪستان جي اڳوڻي خاتون اول ۽ ٻه ڀيرا وزيراعظم رهندڙ بينظير ڀٽو جي ماءُ ملڪ ۾ جمهوريت قائم ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ۽ قربانيون ڏنيون. بيگم نصرت ڀٽو 23 مارچ 1929 ۾ ايران جي صوبي اصفهان ۾ ڄائي، 8 سيپٽمبر 1951 ۾ هن جي ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪراچي ۾ شادي ٿي. 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءُ الحق جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو کي نظربند ڪيو ويو، مڙس جي ڦاهي کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو پ پ کي منظم ڪيو ۽ عورتن جي شعبي جو بنياد رکيو. هو کوڙ دفعا قومي اسيمبلي ميمبر رهي ۽ بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ سينيئر وفاقي وزير به رهي. وڏي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي پاڪستان واپسي ۽ سياست جي شروعات تي بيگم نصرت ڀٽو سندس رهنمائي ڪندي رهي پر سيپٽمبر 1996 ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ته ڄڻ بيگم نصرت ڀٽو کي به ماري وڌو ۽ هوءَ سخت بيمار ٿي پئي. ڪيترن ئي ورهين جي علالت دوران محترمه بينظير ڀٽو کي به شهيد ڪيو ويو ۽ هڪٻئي پويان صدما سهندڙ بيگم نصرت ڀٽو به نيٺ 23 آڪٽوبر 2011 ۾ حقيقي خالق سان وڃي ملي. بيگم نصرت ڀٽو کي ڳڙهي خدا بخش لاڙڪاڻي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن پنهنجي زندگي ۾ مڙس جي ڦاهي، ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ جي موت جا صدما برداشت ڪيا. هوڏانهن حيدرآباد ۾ پ پ جي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي پاران قاضي هائوس تي ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي پاشا قاضي چيو ته بيگم نصرت ڀٽو عوام لا جدوجهد ڪئي ۽ جمهوريت جي بحالي لا آمريت جو ڄمي مقابلو ڪيو. نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، جنهن ۾ پارٽي جا مقامي اڳواڻ نثار مراد ڀٽو، الله ڏنو ڀٽو، ارشد راشدي، انور ٻرڙو، منصور سومرو، خالد ڪريم مڱريو، منور سيٺار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. نئون ديرو هائوس کان سوين ڪارڪنن جو قافلي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو. جتي هنن مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي. قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران ورسي ملهائي وئي. ان موقعي تي علي نواز لاکو، طفيل سانگاهه، شوڪت چانڊيو، امجد ڦل ۽ اعزازي مهمان محمد علي ميرجت چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو ملڪ اندر جمهوريت جي بحالي لاءِ سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ۽ عوام لا جدوجهد ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button