پاڪستانسنڌ

شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري ٻئي لوٽا آهن:پاشا قاضي

حيدرآبادپاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ پي ايس 66 يوسي جي صدر پاشا قاضي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن توشه خانا ڪيس ۾ عمران کي نااهل قرار ڏئي حق جو فيصلو ڪيو، پنهنجي اقتدار دوران عمران خان مليل تحفا پنهنجو مال سمجهي هڙپ ڪيا، هن اليڪشن گوشوارن ۾ بئنڪ اڪائونٽ تائين لڪايا، هاڻ نااهل ٿيڻ بعد سڄو الزام پ پ مٿان هڙي رهيو آهي، پر جيالا سندس سازشن کي منهن ڏئي ناڪام بڻائيندا. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري رڳو بيانبازي ڪندا آهن، هر دور ۾ پارٽيون تبديل ڪري اقتدار جا مزا ماڻيندا آهن، هنن لوٽن کي به عوام سڃاڻي چڪو آهي. سنڌ جو عوام پ پ سان گڏ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button