رانديون

ندا ڊار جو والد لاڏاڻو ڪري ويو، ٽيم ڇڏي گهر اچي وئي

پاڪستان جي قومي ويمن ڪرڪيٽر ندا ڊالر جو والد لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن سبب اها ٽيم کان ڌار ٿي گهر پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق ندا ڊار ويسٽ انڊيز ويمن ٽيم خلاف 8 نومبر کان شيڊول ون ڊي سيريز واري اسڪواڊ جو حصو هئي، جيڪا اسڪواڊ سان گڏ بايوسيڪيور ببل ۾ هئي، جنهن کي والد جي وفات جو اطلاع ڏنو ويو. جڏهن تھ ٽيم مينيجمينٽ جو چوڻ آهي تھ ندا ڊار جي اسڪواڊ ۾ شرڪت جو فيصلو بعد ۾ ٿيندو. هوڏانهن عروج ممتاز، سدرا نواز، جويريا خان ۽ ٻين ساٿي ڪرڪيٽرن ندا ڊار سان والد جي وفات تي ڏک ونڊيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button