
آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ول پوڪووسڪي عارضي طور هر قسم جي ڪرڪيٽ کان ڌار ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ ويب سائيٽ سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن جو چوڻ هو تھ دماغي سڪون حاصل ڪرڻ خاطر ڪرڪيٽ کي اڻڄاڻايل مدي تائين ڇڏيان پيو. هوڏانهن هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ول پوڪووسڪي اڳ بھ دماغي سڪون خاطر ڪرڪيٽ کان ڌار ٿيو هو، پر هن ڀيري هن واپسي جو ڪو اشارو ناهي ڏنو.