رانديون

ڀارتي ويمن ڪرڪيٽرز جو معاوضو مردن برابر ڪرڻ جو اعلان

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ويمن ڪرڪيٽرز جو معاوضو مرد ڪرڪيٽرن جي برابر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق بي سي سي آئي جي سيڪريٽري جئي شاهه نئين فيس پالسي جو اعلان ڪندي ڄاڻايو آهي تھ عورت ڪرڪيٽرن کي عالمي ميچ جي فيس مرد رانديگرن برابر ڏيندي. جئي شاهه ٻڌايو تھ مرد ۽ عورت ۾ صنفي فرق ختم ڪري برابري واري پاليسي لاڳو ڪيون پيا، جنهن تحت برابري جي هن دور ۾ هاڻ مرد ۽ عورت ڪرڪيٽرن کي ميچ فيس برابر ئي ڏني ويندي. هن چيو تھ ٽيسٽ ميچ جي فيس 15 لک، ون ڊي جا 6 لک ۽ ٽي 20 ميچ جا 3 لک رپيا ڏنا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button