ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي ميچ ۾ ڀارت 56 رنسن تان نيڌرلينڊ کي آساني سان هارائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڀارت 2 وڪيٽن تي 179 رنسون ڪيون، جنهن جي جواب ۾ نيڌرلينڊ جي ٽيم 9 وڪيٽن تي 123 رنسون ٺاهي سگهي آهي. ڀارتي اوپنر ڪي ايل راهول 9 رنسن ۽ ڪپتان روهت شرما 53 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، بعد ۾ ويرات ڪوهلي 62 ۽ سوريا ڪمار 51 رنسن سان وڏي ڀائيواري ٺاهي اسڪور 179 رنسن تي پهچائي ڇڏيو ۽ ٻئي ناٽ آئوٽ رهيا. هوڏانهن نيڌرلينڊ جو ڪو بيٽسمين ڄمي نھ کيڏيو، ٽم پرنگل 20، ڪولن ايڪرمين 17، باس ڊي ليڊي ۽ شارذ احمد 16،16 رنسن جي اننگز کيڏيون آهن. ڀارتي بالرن مان ڀونيشور ڪمار، ارشديپ سنگهه، اڪشر پٽيل ۽ روي چندرن ايشون 2،2 وڪيٽون ورتيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close