رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريقا هٿان بنگلاديش کي 104 رنسن تان شڪست

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا بنگلاديش کي 104 رنسن تان وڏي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا 5 وڪيٽن تي 205 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ بنگلاديش جي سڄي ٽيم 101 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڏکڻ آفريقا جي اننگز ۾ ريلي روسو 8 ڇڪا ۽ 7 چوڪا هڻي 109 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن سان ڪوائنٽن ڊي ڪاڪ 67 رنسن سان ساٿ ڏئي 163 رنسن جي ڀائيواري ٺاهي آهي. ان کان اڳ ڪپتان ٽيمبا بووما 2 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، ٻين بيٽرن ۾ ٽرسٽن اسٽبس 7، ايڊم مارڪرم 10 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش جي بالرن مان شڪيب الحسن 2، تسڪين احمد، حسن محمود ۽ عفيف احمد هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. بنگلاديش جي ٽيم 206 رنسن جي هدف پويان 18 اوور ۾ 101 رنسن جي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ لٽن داس 34 رنسن سان نمايان رهيو، سوميا رڪار 15، مهدي حسن 11، تسڪين احمد رڳو 10 رنسون ٺاهي سگهيا. جڏهن تھ ڏکڻ آفريقي بالرن مان اين رچ نارٽجي 4 ۽ شمس تبريز 3 وڪيٽون وٺي بنگلاديشي بيٽنگ لائين جا پير اکيڙي ڇڏيا، ڪگيسو ربادا ۽ ڪيشو مهاراج هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button