پاڪستانسنڌ

ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ ڪم ڪندڙ پنجاب واسي ويلڊر فوت

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ پورهيت پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو. ڄاڻ موجب ٿرڪول بلاڪ ٽو جي ٿل نوا ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ پنجاب واسي پورهيت طلحه منور ڪم ڪري رهيو هو ته پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري پيو ۽ فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان هڪ ڏينهن اڳ ئي ٿرڪول ۾ ويلڊر طور نوڪري تي لڳو هو، جنهن جو ڪم دوران پير ترڪي پيو ۽ هو ڀر ۾ ٺهيل ٽانڪي ۾ ڪري پيو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لا مٺي اسپتال نيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش پنجاب نيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button