پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر جون 70 پرائمري استادن جو سيٽون ڇاڇرو منتقل، نوجوان مايوس

ننگرپارڪر: ايم پي اي راڻا ھمير سنگھه جي سفارش تي تعليم کاتي سنڌ ننگرپارڪر جون 70 سيٽون ڇاڇرو منتقل ڪري ڇڏيون. سيٽون منتقل ڪرڻ واري عمل تي مقامي پڙهيل لکيل نوجوان مايوس ٿي ويا. ان سلسلي ۾ مخصوص سيٽ تي چونڊيل ايم پي اي راڻا ھمير سنگھه جي سفارش تي سنڌ جي تعليم کاتي ننگرپارڪر تعلقي ۾ پرائمري ماسترن جون خالي پيل پوسٽون ڇاڇرو تعلقي ۾ شفٽ ڪري ننگرپارڪر جي پوسٽن تي ڇاڇرو جا ماستر ڀرتي ڪرڻ لا ڊي اي او ٿرپارڪر کي ليٽر لکي ڇڏيو آھي. ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ايم پي اي راڻا ھمير سنگھه جي سفارش تي ننگرپارڪر جون 70 خالي پيل پرائمري استادن جون پوسٽون ڇاڇرو شفٽ ڪرڻ جي رپورٽ ڏني وڃي. اھڙي غير قانوني عمل خلاف ننگرپارڪر جي نوجوانن ڏک جو اظھار ڪندي چيو آهي ته ننگرپارڪر سان ناانصافي بند ٿيڻ گھرجي. نوجوانن اعجاز کوسو، ذوالفقار کوسو، ايشور، رامون مل، عبدالغفار ۽ ٻين چيو ته ننگرپارڪر جون پوسٽون غير قانوني طور ڇاڇرو شفٽ نٿيون ڪري سگهجن، ننگرپارڪر جي پوسٽن تي ننگرپارڪر جي نوجوانن کي آرڊر ڏنا وڃن، ننگرپارڪر ٽائون ۽ يوسي کي ھارڊ ايريا ڊڪليئر ڪري 33 کان 39 تائين مارڪون کڻندڙ اميدوارن ۾ ماستري جا آرڊر ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button