پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد جي مدرسي ۾ شاگرد تي تشدد،مهينو قيد،ڀڄي نڪتو

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد مدرسي ۾ پڙھندڙ يتيم شاگرد مولوي تي تشدد جو الزام هنيو آهي. شاگرد وقار خاصخيلي صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته برسات سبب ٻه ھفتا موڪلون ڪرڻ تي سندس ماءَ پاڻ مدرسي اچي مولوي کي چئي وئي ھئي ته برسات سبب پريشان ھئاسين ان ڪري سندس پٽ مدرسي نه اچي سگھيو آھي ھن کي مارڪٽ نه ڪجو. هن ٻڌايو ته سندس ماءَ جي وڃڻ کانپوءِ مولوي پيٽرول گھرايو ۽ ساڙي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ مولوي ٻن ٻين کٿابين جي مدد سان مون کي رسي سان ٻڌي ڏنڊي ۽ تار سان تشدد ڪيو جنھن کان پوءِ آئون ھلڻ ۽ سمھڻ کان لاچار ھئس، مون تي نظر داري رکڻ لاءِ مولوي ٻن ٻين کٿابين کي مقرر ڪري رکيو ھو ته متان آئون مدرسي مان ڀڄي نه وڃان، ھڪ مھيني تائين مون کي مدرسي ۾ بند رکيو ويو، آئون ٻه ڏينھن اڳ مدرسي مان ڀڄي نڪتس ۽ گھر پھچي پنھنجي ماءَ کي حقيقت ٻڌايم، منھنجي حالت ڏسي منھنجو نانو خان محمد خاصخيلي ٽنڊو جان محمد ٿاڻي تي وٺي آيو، پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو پر پوليس روانو ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف شاگرد تي تشدد جون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ پوليس فريادي خان محمد خاصخيلي کي جھڏي مان طلب ڪري مولوي نذير حيدري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي. شاگرد جي مامي امير بخش خاصخيلي جو چوڻ ھو ته سراسر نانصافي ٿي آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس شاگرد تي تشدد ڪندڙ مولوي کي گرفتار نه ڪري سگھي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button