پاڪستانسنڌ

جمن دربدر جو وڇوڙو سنڌ جو وڏو نقصان آهي:تاج جويو

ڍورو نارو: ماما جمن دربدر جي ياد ۾ عمرڪوٽ ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. تعزيتي ميڙاڪي کي صدارتي خطاب ڪندي تاج جويو چيو ته جمن دربدر جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي تي آخري گھڙي تائين قائم رھيو، عظيم انسان جو وڇوڙو سنڌ جو وڏو نقصان آهي جيڪو خال نٿو ڀرجي سگهي. ليکڪ ۽ اديب مير حسن آريسر چيو ته جمن دربدر سنڌي قوم جو عاشق هو، هن جي دل ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ وڏي سڪ ۽ ڇڪ هئي. اجمل مينڌراڻي چيو ته جمن دربدر جي شخصيت جو اهڙو ته سحر هو جو ماما جمن دربدر پيار مان ڀاڪر ڀريندو هيو ته اهو ماڻهو سڄي زندگي ان جو ٿي ويندو هو. سينيئر صحافي الياس ٿري چيو ته جمن دربدر گهڻ رخي شخصيت هيو، هن جي اسٽيج ڊرامن کان وٺي سندس شاعري ۾ وطن جي محبت ۽ انسانيت جو درس ملي ٿو، جمن دربدر جو وڇوڙو سنڌي ادب جو وڏو نقصان آهي. ان موقعي تي گل منير ولهاري، ارباب ڀيل، ماما جمن دربدر جي پت سگھڙ ساند، هرچند ساگر ۽ ٻين جمن دربدر جي شخصيت تي روشني وڌي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button