پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان اغوا ٿيل پورهيت تي وحشياڻو تشدد، وڊيو وائرل

اوٻاوڙو: هڪ هفتو اڳ اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ سچل ڪانڃون واسي مبينا اغوا ٿي ويل پورهيت نوجوان عبدالقادر ڪانڃون جي ڌاڙيلن پاران مغوي نوجوان کي پيرن ۾ زنجير ٻڌي تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. وڊيو ۾ ڏوهاري مغوي کي تشدد ڪندي نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته مغوي نوجوان وڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو چوي ٿو ته ڌاڙيل ختم ٿي ويا آهن، هاڻي ايس ايس پي ڪٿي آهين، مون کي آزاد ڪرايو وڃي. مغوي نوجوان لڙڪ لاڙيندي پنهنجي وارثن کي گهر ۽ ٻچا وڪرو ڪري آزاد ڪرڻ لا هٿ جوڙي منٿون ڪري رهيو آهي. مغوي نوجوان ڪرائي تي موٽر سائيڪل هلائيندو هو، جيڪو هڪ هفتو اڳ شهر مان سواري کڻي رانوتي جي ڪچي ۾ ڇڏڻ ويو هو ته کيس ڌاڙيلن رستي مان اغوا ڪري کڻي ويا ۽ مغوي نوجوان جي آزادي لا وارثن کان 30 لک رپيا ڀنگ به طلب ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button