پاڪستانسنڌ

پ پ ماڻهن کي بدترين زندگي جو تحفو ڏنو:نياز ڪالاڻي

ھڱورجا: جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آھي ته سنڌ اندر برساتن سبب 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿيا آھن، پر سنڌ حڪومت ان سنگين صورتحال ۾ به ڪرپشن ۽ نااھلي جا نوان رڪارڊ قائم ڪري سنڌ جي متاثر غريب ماڻهن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي، جنھن ڪري اھي ماڻھو تاريخ جي وڏي اذيتن مان گذري رھيا آھن، جنھن ڪري سنڌ جي پ پ سرڪار کي اگر ٿورو به شرم آھي ته استعيفى ڏئي. مرڪزي اڳواڻ پنھل ساريو ۽ آصف راھوجو سان گڏ ھنڱورجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ سان سندس سئوٽ ٻڍل خان چانگ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ھن وڌيڪ چيو ته ھڪ طرف 2010ع جي خطرناڪ ٻوڏ جي تجربي ۽ ڪافي وقت اڳ خطرناڪ برساتن جي اطلاع باوجود سنڌ حڪومت نااھلي جي انتھا ڪندي ڪوبه تحرڪ نه وٺي ھٿ سان سنڌ کي ٻوڙايو ۽ ڪروڙين ماڻھن کي بدترين زندگي جو تحفو ڏنو، مٿان وري سندن ڪابه سار نه لڌي ۽ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي، جنھن تي سنڌ حڪومت تي عالمي عدالتن ۾ ڪيس داخل ٿيڻ گھرجن. ھن چيو ته ھن وقت به لکين ماڻھو روڊ رستن تي دربدر آهن، جيڪي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، پر سرڪار کين بخار جي گوري ڏيڻ کان به قاصر آهي. ھن چيو ته صحافي ارشد شريف کي انھن طاقتور ڌرين قتل ڪرايو آھي، جن جي اکين ۾ ھو ڪنڊو ھو. هن چيو ته خراب ڪاڪردگي سبب پ پ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شڪست جي خوف کان مڪاني چونڊن کان فرار ٿي رھي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button