
پاڪستان جو صدارتي ايوارڊ يافتا فٽبالر ۽ قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان علي نواز بلوچ ڊگهي بيماري بعد لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق علي نواز بلوچ ڪپتان طور 1974ع کان 1980ع تائين ملڪ جي نمائندگي ڪري فٽبال ۾ پاڻ مڃايو. جڏهن تھ هن 1960ع ۾ ننڍي کنڊ جي فٽبال ڪلب محمڊن جي نمائندگي جو اعزاز پڻ ماڻيو هو. گڏيل عرب امارتن بھ کيس شهريت جي آڇ ڪئي هئي، پر هو اتان واپس پاڪستان اچي رهيو، هو پاڪستان فٽبال فيڊريشن جو 16 سال نائب صدر پڻ رهيو.