رانديون

پاڪستاني ٽيم جي لاڳيتو شڪستن بعد ورلڊ ڪپ ۾ سفر ڏکيو ٿي پيو

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ لاڳيتو ٻي شڪست بعد ايونٽ ۾ سفر جاري رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، ڇوتھ ٽيم جو رن ريٽ ۽ پوائينٽس اميدن موجب ناهي. ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڀارت بعد زمبابوي هٿان ميچ هارائڻ تي پاڪستان جون مجموعي پوائينٽس ٻڙي رهجي ويون آهن. جڏهن تھ سندس رن ريٽ بھ گهٽ آهي، تنهنڪري سپر 4 مرحلي ۾ پهچڻ خاطر ٽيم کي وڏي مارجن سان ميچون کٽڻيون پونديون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڏکڻ آفريقا هٿان ڀارت جي شڪست بعد جڙندڙ صورتحال ۾ ٽيم مينيجمينٽ کي ميچ کٽڻ جي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button