رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو مزو برسات وڃائي ڇڏيو، ٻئي ميچ بنا نتيجي ختم

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي مقابلن وارو ڪالهه وارو مزو برسات وڃائي ڇڏيو، جنهن سبب رٿيل انگلينڊ جو آسٽريليا ۽ افغانستان جو آئرلينڊ سان نھ ٻھ ميچ سگهيا، جنهن بعد ٻئي ميچ بنا نتيجي ختم ڪيا ويا آهن. ميڊيا مطابق ميلبورن ۾ افغانستان جي آئرلينڊ خلاف رٿيل ٻي ميچ بھ برسات جي حوالي ٿيڻ سبب رانديگرن ۾ مايوسي ڇائنجي وئي، ڇوتھ سندن رن ريٽ ۽ پوائينٽس بهتر نھ جڙي سگهيون آهن.

انگلينڊ جا رانديگر امپائرز سان گڏ ميدان جو جائزو وٺي رهيا آهن

جڏهن تھ انگلينڊ جي سندس مضبوط مخالف ٽيم آسٽريليا سان اهم ميچ بھ برسات ٿيڻ نھ ڏني، ايستائين جو برسات سبب ٽاس وارو مرحلو بھ نھ ٿي سگهيو آهي. جڏهن تھ برسات نھ بيهڻ ۽ گرائونڊ جي آلاڻ سبب چئن ئي ٽيمن جي ڪپتانن ۽ امپائرن جي مشوري بعد رضامندي سان ميچ ختم ڪري هڪ، هڪ پوائينٽ ٽيمن کي ڏني وئي آهي. هوڏانهن گروپ هڪ ۾ هن وقت تائين نيوزيلينڊ، آسٽريليا، آئرلينڊ ۽ انگلينڊ 3،3 پوائينٽ، سريلنڪا ۽ افغانستان 2،2 پوائينٽ کنيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button