رانديون

مانچيسٽر سٽي ليسٽر کي شڪست ڏئي ٽاپ پوزيشن ماڻي ورتي

پريميئر ليگ جي فٽبال مقابلن ۾ مانچيسٽر سٽي ليسٽر کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ ٽاپ پوزيشن ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق پريميئر ليگ جي اهم ميچ ۾ مانچيسٽر سٽي ۽ ليسٽر جا رانديگر هڪٻئي تي جارحاڻي انداز ۾ حملا ڪندا رهيا پر پهرين هاف ۾ ڪابھ ٽيم گول نھ ڪري سگهي. جڏهن تھ ٻئي هاف جي راند جي 49هين منٽ ۾ مانچيسٽر جي ڪيون ڊي برائن فري ڪڪ تي گول ڪري ڇڏيو، جيڪو فيصلائتو ۽ اڪيلو گول رهيو. هوڏانهن ڪيون ڊي برائن ليگ ۾ 25 گول مڪمل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button