رانديون

پاڪستاني ٽيم جا رانديگر ڪاميابي جو حوصلو کڻي سڊني پهچي ويا

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پرٿ کان سڊني پهچي وئي آهي، جڏهن تھ ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد رانديگرن سان گڏ مداحن سيلفيون پڻ ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ  ۾ نيڌرلينڊ خلاف پهرين ڪاميابي ماڻڻ بعد ٽيم ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ٽيم ڏکڻ آفريقا خلاف خميس ڏهاڙي رٿيل اهم ميچ جي تياري ڪري ورتي آهي، پر سڊني ۾ پهچڻ بعد ٽيم جي ڪابھ پريڪٽس نھ رٿي وئي آهي. تجزيي نگارن جو چوڻ آهي تھ ايونٽ ۾ قومي ٽيم جو سفر اڃا منجهيل آهي، ڇوتھ ڀارت کي مليل شڪست صورتحال کي خراب ڪيو، هاڻ پاڪستان کي سمورا ميچ کٽڻ سميت مخالف ٽيمن جي اپ سيٽ شڪست جو سهارو وٺڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button