رانديون

ڪرس گيل عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع ڪري ويو؟

ويسٽ انڊيز جي اهم رانديگر ڪرس گيل بابت خبر سامهون آئي آهي تھ هن عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڪالهه ويرسٽ انڊيز جي آسٽريليا خلاگ ميچ ۾ ڪرس گيل رنگين چشمو پائي جارحاڻي انداز ۾ آيو، پر هن ٻھ لاڳيتا ڇڪا هنيا ۽ 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي واپس پويلين هليو ويو. واپسي دوران ڪرس گيل کي رانديگرن تاڙيون وڄائي الوداع ڪيو، موٽ ۾ هو ساڻن ڳلي بھ مليو. هوڏانهن ڪرڪيٽ جي هڪ مشهور ويب سائيٽ ڪرس گيل جي تصوير رکي لفظ پڄاڻي لکيو آهي، پر ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرس گيل پاڻ خاموش آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button