رانديون

ڪوهلي جي بيڊروم جي وڊيو ٺاهيندڙ هوٽل ملازم برطرف

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شريڪ ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي پرٿ واري هوٽل واري بيڊروم جي وڊيو ليڪ ٿيڻ بعد ڇتي تنقيد تي هوٽل اختيارين وڊيو ٺاهيندڙ ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي ويرات ڪوهلي جي بيڊروم جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيڻ تي آئي سي سي نوٽيس ورتو آهي. آئي سي سي اختيارين جو چوڻ آهي تھ هوٽل اختيارين سان رابطو ڪري شڪايت ڪئي آهي، جن ٻيهر اهڙو واقعو نھ ٿيڻ جي خاطري ڏني آهي. آئي سي سي موجب رانديگرن جي ذاتي زندگي جو احترام ٿيندو، ان معاملي تي اسان جو سيڪيورٽي ادارن سان رابطو آهي. هوڏانهن هوٽل مينيجمينٽ ويرات ڪوهلي ۽ آئي سي سي سان رابطو ڪري معذرت ڪندي ٻڌايو تھ ملازم برطرف ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي ٽيم مينيجمينٽ کي ڪوهلي معاملو ختم ڪرڻ جو چئي ڇڏيو، ۽ وڌيڪ شڪايت ڪرڻ کان بھ انڪار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button