
يوڪرين جي فٽبال تنظيم فيفا جي مينيجمينٽ کان مطالبو ڪري ڇڏيو آهي تھ قطر فٽبال ورلڊ ڪپ مان ايراني جي ٽيم کي ٻاهر ڪڍيو وڃي. ميڊيا مطابق يو اي ايف جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي بيان ۾ چيو آهي تھ يوڪرين تي روس جي حملي جي ايران حمايت ڪري رهيو آهي ۽ اهو يوڪرين ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين شريڪ آهي، تنهنڪري ان جي فٽبال تنظيم تي پابندي لڳائي ايونٽ مان ٻاهر ڪڍيو وڃي. هوڏانهن ايران ۾ مهسا اميني جي موت بعد اڳ ئي اهڙو مطالبو ٿي چڪو آهي.