رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان جو سفر ختم، نيوزيلينڊ کي بھ شڪست

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان جي ٽيم جو سفر سريلنڪا هٿان شڪست بعد پڄاڻي تي پهچي ويو آهي. جڏهن تھ سپر 12 جي مرحلي ۾ انگلينڊ 21 رنسن تان نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق افغانستان جي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ رحمان الله گرباز 28، عثمان غني 27، ابراهيم زادران 22 رنسن سان نمايان رهيا، سريلنڪا جي بالرن ونيندو هسارنگا 4، لهيرو ڪمارا 2 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن سريلنڪا جي بيٽرن 145 رنسن جو هدف 4 وڪيٽن تي 19 اوور ۾ 148 رنسون ماڻي افغانستان جي ٽيم کي ايونٽ جي سيمي فائنل جي ڊوڙ ۽ ايونٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ بيٽرن ڌننجيا ڊي سلوا 66 رنسن سان نمايان رهيو، ڪوشل مينڊس 25، چيرٿ اسلانڪا 19، ڀانوڪا راجاپڪسا 18، پيٿم نشانڪا 10 رنسون ٺاهيون. افغاني بالرن راشد خان ۽ مجيب الرحمان 2،2 آئوٽ ڪيا. سريلنڪا جي ونيندو هسارنگا کي 3 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

انگلينڊ جا رانديگر فتح جو جشن ملهائي رهيا آهن

هوڏانهن انگلينڊ جي ٽيم اوپنرن جوز بٽلر 73 ۽ ايلڪس هيلي جي 52 رنسن سان 179 رنسون ٺاهيون، سندن 6 بيٽر آئوٽ ٿيا، ڪيوي بالر لوڪي فرگوسن 2 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جي ٽيم 6 وڪيٽن تي 159 رنسون ٺاهي شڪست کاڌي آهي، سندس بيٽرن مان گلين فلپس 62 ۽ ڪپتان ڪين وليمسن 40 رنسن سان نمايان رهيا، انگلش بالرن ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ 2،2 وڪيٽون ورتيون. جوز بٽلر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button