رانديون

احمد شهزاد قائداعظم ٽرافي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جا سبب ٻڌائي ڇڏيا

لاهور: ٽيسٽ ڪرڪيٽر احمد شهزاد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي خط لکي قائداعظم ٽرافي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي سببن کان آگاهه ڪيو آهي. ذريعن موجب احمد شهزاد خط ۾ سينٽرل پنجاب جي ڪوچنگ پينل خلاف شڪايت ڪئي آهي. ذريعن موجب خط ۾ احمد شهزاد سينٽرل پنجاب جي ڪوچ جي غيرسنجيده رويي کان آگاهه ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوچنگ پينل جي شڪايتن سبب احمد شهزاد قائداعظم ٽرافي لاءِ سينٽرل پنجاب کي جوائن نه ڪيو هو. ذريعن موجب پي سي بي طرفان احمد شهزاد کي لکيل خط جو جواب ناهي ڏنو ويو، سينٽرل پنجاب جي ڪوچنگ پينل ۾ اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالرزاق ۽ پال فرينڪس شامل آهن. احمد شهزاد کي سينٽرل پنجاب طرفان هن سيزن ۾ قائد اعظم ٽرافي کيڏڻ لاءِ چونڊيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button