
ڪينيا جي ايٿليٽس جون ڊوپنگ ٽيسٽ وڏي تعداد ۾ مثبت اچڻ بعد انهن تي عالمي پابنديون لڳڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. ميڊيا مطابق ڪينيا جي ايٿليٽس پاران طاقت ڏيندڙ دوائن جي استعمال ۾ وڏي واڌ بعد پابندين جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي. هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪينيا جي ايٿليٽس تنظيم 25 ايٿليٽس معطل ڪري چڪي، 19 ڄڻن جا ڪيس غور هيٺ آهن. جڏهن تھ منع ڪيل دوائن جي عادت ختم ڪرڻ واريون ڪوششون اڃا فائدو ڏيندڙ نھ پيو لڳن. هوڏانهن ميراٿن اسٽار ايليوڊ ڪيپچوگي ڊوپنگ معاملو شرمناڪ قرار ڏنو آهي.