
پاڪستاني ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ تيز ترين ففٽي اسڪور ڪندڙ ٻئي پاڪستاني بيٽر جو اعزاز ماڻي ورتو آهي. ميڊيا مطابق شاداب خان اهو اعزاز ڏکڻ آفريقا خلاف اهم ميچ ۾ 20 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 3 چوڪن سان 50 رنسون ٺاهي ماڻيو آهي. جڏهن تھ هن ٽيم کي ڏکيائي مان پڻ ڪڍيو.