
قطر ۾ رٿيل فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جون تيار ڪيل جعلي ٽرافيون وڏي تعداد ۾ پڪڙيون ويون آهن. ميڊيا مطابق قطر جي گهرو وزارت موجب هڪ ويب سائيٽ پاران جعلي ٽرافين ٺاهي وڪرو ڪرڻ جو اطلاع مليو، ڪاروائي ڪري پڪڙيون. گهرو وزارت اهو نھ ٻڌايو تھ اهي ڪٿان مليون ۽ ڪنهن وٽان هٿ آيون آهن.